اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته زوب حملي ۾ قنڌار مان آيل دهشتگرد ملوث هئا، افغان سفارتخانو لاش وصول ڪري. پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب زوب ڪينٽ ۾ دهشتگردي ۾ ملوث افغان دهشتگردن جي تصديق ٿي وئي آهي، ٽنهي دهشتگردن جي سڃاڻپ افغان شهرين طور ٿي آهي، دهشتگردن جو واسطو افغان صوبي قنڌار سان آهي.هن چيو ته افغان سفارتخاني کي افغاني دهشتگردن جا لاش وصول ڪرڻ جون هدايتون ڏئي ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته افغان دهشتگردن جي پاڪستان ۾ دهشتگرد ڪارروائين ۾ مسلسل شموليت تي ڳڻتي آهي، افغان سرزمين پاڪستان ۾ دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ جي سخت مذمت ڪيون ٿا.
