زهريلو کاڌوکائڻ سبب 2 سڳا ڀائر فوت، ڀيڻ بيهوش

ٽنڊو ڄام (ن سنڌيار) ڳوٺ آدم جمالي ۾ مبينا زهريلو کاڌو کائڻ سبب نينگري سميت 3 ڄڻن جي طبيعت خراب ٿي وئي، 7ورهين جو نثار ۽ 16ورهين جو اياز خاصخيلي اسپتال ۾ فوت ٿي ويا، نينگري جو علاج هلندڙ آهي، علائقي واسين طرفان ٻڌايو پيو وڃي ته سمورن گهرڀاتين ماني کاڌي، جنهن سبب 2 ڀائر فوت ٿي ويا، سندن ڀيڻ جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، نينگري جو اسپتال ۾ علاج جاري آهي، ٻارن جي امڙ ۽ والد کي ڪجهه ناهي ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو