زمين جي مالڪي تان جهيڙو، گوليون لڳڻ سبب 2 زخمي

ٺٽو(رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ) ڳاڙھو لڳ زمين جي مالڪي واري تڪرار تان  ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو. صفيان شيخ ۽ رجب مگسي جي ڌرين ۾  پراڻي زميني تڪرار تان هڪٻئي تي فائرنگ گوليون لڳڻ سبب صفيان شيخ سان گاڏي ۾ گڏ ويٺل وقار خليفو زخمي، جڏهن ته  رجب مگسي جو ڀائٽيو عطا حسين مگسي پڻ زخمي ٿي پيا جن کي ڪراچي لياقت اسپتال داخل ڪيو ويو آهي ، جنهن۾  ٻڌايو پيو وڃي ته صفيان سان گڏ ويٺل وقار خليفو جنهن کي صفيان شيخ موقعي تي ڇڏي فرار ٿي ويو  تنهن کي مخالف ڌر زخمي حالت ۾ ڪراچي اسپتال پھچايو، جڏهن ته وقار خليفو جي طبيعت بھتر ٻڌائي پئي وڃي  ۽ رجب مگسي جي ڀاٽئي عطا حسين مگسي جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، ھوڏانھن پوليس موقعي واردات واري ھنڌ پھچي معاملي تي ڪنٽرول ڪري ورتو، اڃان تائين ٻنھي طرفن کان ڪو به ڪيس وغيره داخل ناهي ٿي سگهيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو