زمين الاٽ ڪرڻ جي الزام ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر گرفتار

سکر (جئيرام داس ) سکر ۾اينٽي ڪرپشن جي ڪارروائي، زمين سستي اگهه ۾الاٽ ڪرڻ تي اسسٽنٽ ڪمشنر کي گرفتار ڪيو ويو، ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن جو ان سلسلي ۾ چوڻ آهي ته اسسٽنٽ ڪمشنر اعجاز هاليپوٽو کي حيدرآباد مان گرفتار ڪيو ويو آهي، ڊائريڪٽر اينٽي ڪرپشن منير کهڙو وڌيڪ چيو آهي ته جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، اربين رپين جي زمين سستي اگهه تي ڏني وئي، جوابدار 2010 ۾سکر ۾واقع 5 ايڪڙ زمين غيرقانوني طور الاٽ ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو