زميندار ڪولھي برادري جي عورت جو لاش دفن نه ڪرڻ ڏنو،احتجاج

بدين (ن س) بااثر زميندار طرفان ڪولھي برادري جي عورت جو لاش دفن ڪرڻ کان روڪڻ جي خلاف ڪولھي برادري جي ماڻھن جو پريس ڪلب جي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڌرڻو بااثر جي خلاف سخت نعري بازي قانوني ڪارروائي جو مطالبو تفصيل موجب بدين ڀرسان ڳوٺ بچل پٺاڻ جي رھواسي عورت شانتي ڪولھي جيڪا انڊس اسپتال بدين ۾ علاج دوران فوت ٿي ويئي ھئي سندس لاش کي دفنائڻ جي لاءِ وارث جڏھن قبرستان ويا ته سندن قديمي قبرستان جنھن ۾ سندن ٻين عزيزن جون قبرون آھن بااثر وڏيري دفنائڻ کان زبردستي روڪي ڇڏيو آھي جنھن جي ڪري ھو ٻن ڏينھن کان لاش کڻي احتجاج ڪري رهيا آهن پر سندن ڪو ٻڌڻ وارو نه آھي فوتڻ شانتيءَ جي وارثن ڌنجي ڪولھي اشوڪ ڪولھي شانو ڪولھي ۽ ٻين پريس ڪلب جي صحافين جي اڳيان دانھيندي چيو ته بااثر قبرستان جي زمين کيڙي قبضو ڪرڻ چاھي ٿو جنھن ۾ اسان جي عزيزن جون ڪيتريون ئي قبرون موجود آهن ھنن ڊي سي ايس ايس پي بدين ۽ سيشن جج بدين کان مطالبو ڪيو ته کين لاش دفن ڪرائي ڏنو وڃي ء ٻن ڏينھن کان لاش دفنائڻ کان روڪيندڙ بااثر جي خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو