زرداري ۽ فريال جي گرفتاري خلاف احتجاجي جلوس ۽ ڌرڻو

لاڙڪاڻو(عبدالوحيد ابڙو) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپر  کي گرفتار ڪرڻ واري عمل خلاف پاڪستان پيپلزپارٽي  پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، پ پ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن  پاران نيب خلاف سخت نعريبازي ڪندي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ڪيترائي ڪلاڪ ايندڙ ويندڙ ٽرئفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي احتجاجي ڌرڻي کي خطاب ڪندي ضلعي صدر عبدالفتاح ڀٽو خير محمد شيخ نور دين ابڙو محمد امين شيخ مير دوست لهر انور علي ابڙو ،سميت ٻين چيو تہ پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻن خلاف وفاق ڪارروائي ڪري عوام ۾ مقبوليت ماڻڻ گهري ٿو، پر کائنس حڪومت هلائڻ ڏکي آهي  جنھن سبب سنڌ ۾ ڪاروايون ڪري سازش طور تي پارٽي کي ڀت سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪئي  پئي وڃي پر جيالا ائين ٿيڻ ھر گز نه ڏيندا، ھنن چيو ته الزام عمران خان وفاقي وزيرن پرويز خٽڪ ۽ عليما خان تي به آھن پوء انھن کي ڇو گرفتار نه پيو ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو