زرداري کي آزاد ڪريو، پيرين اگهاڙي جلوس جو مطالبو

ملتان(پ ر) سرائڪي سانجهه پاران آصف علي زرداري کي ڪوڙن ڪيسن ۾ قيد رکڻ خلاف گهنٽا گهر کان شاهه شمس تبريز جي مزار تائين جيالن اگهاڙين پيرين احتجاجي جلوس ڪڍيو. پيپلز پارٽي جي پراڻي ڪارڪن فضل رب لنڊ جي قيادت ۾ ڪڍيل جلوس ۾ اديبن، شاعرن، شاگردن ۽ جيالن شرڪت ڪئي.

ڪارڪنن چيو ته هر دورن ۾ آصف علي زرداري کي گرفتار ڪري ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو ويندو آهي پر اڄ تائين هڪ ڪيس ۾ به کيس سزا ناهي ٿي. هنن زرداري گيلاني منصوبو سرائڪي صوبو جا نعرا هنيا ۽ زرداري تان ڪوڙا ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. جلوس ۾ شريڪ ڪارڪنن سان بعد اڳوڻي وزيراعظم يوسف رضا گيلاني ملاقات ڪري کين جذبي جو داد ڏنو.

پهنجو تبصرو موڪليو