زرداري سان ٺاھ جي ڳالھين ۾ ڪا به صداقت ناھي:مرزا

بدين (ن س) سابق وزير داخلا سنڌ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا چيو آھي ته آصف زرداري سان ٺاھ جي ڳالهين ۾ ڪا به صداقت ناھي دراصل ھو آصف زرداري سان ٻيھر دوستي ڪرڻ نٿو چاھي دھشت گردي جي انت واري عدالت ڪراچي پيش ٿيڻ کانپوءِ ھن صحافين سان ڳالهائيندي ھن چيو ته آصف زرداري سان سندس پراڻي دوستي آھي پر اسان کي ٺاھڻ جي لاءِ ڪنھن دوست سنجيده ڪوشش نه ڪئي ان ڪري ھو بي ساڻس دوستي ڪرڻ نٿو چاھي ڇو ته زرداري سان دوستي ٿي ويئي ته گھڻن ماڻھن جون زرداري ڪئمپ م نوڪريون خطري م پئجي وينديون ھن چيو ته پي پي جي چونڊيلن بدين کي کنڊر ڪري ڇڏيو آھي ھن چيو ته ھن اڃان چونڊ وڙھڻ جو فيصلو نه ڪيو آھي جڏھن وقت ايندو ته ان بابت به فيصلو ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو