زرداري خلاف پارڪ لين ريفرنس جي منظور، بلاول جو نالو خارج

اسلام آباد( اياز مهر) قومي احتساب بيورو يعني نيب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري خلاف پارڪ لين ۽ پارٿينن پرائيويٽ ڪمپنين بابت هڪ ٻيو ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. جڏهن ته ان مان بلاول جو نالو خارج ڪيو ويو آهي. اربع تي نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جي سربرارهي ۾ نيب جي ايگزيڪٽو بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ اها منظوري ڏني وئي. نيب پاران جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آصف علي زرداري ٻنهي ڪمپنين لاءِ مالي فائدا ورتا جنهن سبب قومي خزاني کي پوڻا 4 ارب روپين جو نقصان ٿيو. اجلاس ۾ پشاور ڊولپمينٽ اٿارٽي جي چيف سيڪورٽي آفيسر سيد خالد امين، ڊي جي هيلٿ سروس ڊاڪٽر ايوب ۽ پنجاب ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ملتان جي ايم ڊي  سبطين فضل حميد خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. پڌرائي موجب ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ 8 انويسٽگيشنز شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. جن ۾ پ پ سينيٽر عثمان سيف الله، انور سيف الله، سليم سيف الله، همايون سيف الله ۽ ٻيا شامل آهن. اُن کانسواءِ بلوچستان جي اڳوڻي صوبائي وزير صادق علي عمراڻي، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ڪراچي جي اڳوڻي ڊي جي منظور قادر، سنڌ سوشل رليف فنڊ جي آفيسرز ۽ ملازمن، جڏهن ته مشينري مينٽيننس ڊويزن خيرپور ۽ شڪارپور جي ملازمن توڙي آفيسرز، ٺيڪيدار ۽ ٻين خلاف جاچ جي منظوري ڏني وئي آهي. پڌرائي موجب ايجوڪيشن ورڪس ڊپارٽمينٽ جيڪب آباد جي آفيسرز، ملازمن ۽ ٺيڪيدارن خلاف به جاچ جي منظوري ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو