زرداري جي هدايت، زراعت کاتي پاران ڦٽي جي قيمت طئي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آصف زرداري جي هدايت کان پوءِ زراعت کاتي ڦٽي جي قيمت طئي ڪري ڇڏي سڄي سنڌ ۾ ڦٽي جو في مڻ اگهه 8500 مقرر ڪيا ويا تفصيل موجب آصف زرداري پاران هدايت کان پوءِ زراعت کاتي ڦٽي جي قيمت طئي ڪري ڇڏي آهي زراعت کاتي ان ڏس ۾ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي ايگريڪلچر آفيسرن کي هارين کي زراعت کاتي پاران طئي ڪيل قيمت ڏيارڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي آصف زرداري ڦٽي جي قيمت بابت وفاق سان احتجاج ڪيو هو سنڌ جي زراعت واري وزير منظور وساڻ آصف زردري جي هدايت تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيوآهي زراعت کاتي جو چوڻ آهي ته هارين کي فيڪٽري کان مقرر ڪيل قيمت نه ملڻ جون شڪايتون آهن سنڌ جي آبادگارن کي مقرر قيمت ڏيڻ لاءِ هدايت ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو