زرداري جي جاءِ جيل آهي هاڻي اتي ئي رهندو،اعجاز شاهه

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي گهرو وزير برگيڊيئر اعجاز شاهه چيو آهي ته آصف علي زرداري جي جاءِ جيل ۾ آهي ۽ هو هاڻ اتي ئي رهندو. 2 ڏينهن اڳ آصف زرداري کي اڊيالا جيل مان پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي طبي معائني کان پوءِ کيس ٻيهر جيل منتقل ڪيو ويو. اهڙو اظهار هن جيو نيوز جي پروگرام نيا پاڪستان ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اينڪر جڏهن هن کان پڇو ته ڊاڪٽر چون ٿا ته حڪومتي دٻاءَ تي کيس جيل منتقل ڪيو ويو آهي ته هن اينڪر تي ڪواڙ جو اظهار ڪيو. وفاق وزير وڌيڪ چيو ته آصف زرداري جي اسپتال منتقلي جو فيصلو ميڊيڪل بورڊ ڪندو آهي، حڪومت نه ڪندي آهي. زرداري صاحب کي ميڊيڪل بورڊ جي سفارش تي ئي جيل منتقل ڪيو ويو آهي. اعجاز شاهه چيو ته  حڪومت ميڊيڪل بورڊ جي ابتڙ ڪو فيصلو نٿي ڪري سگهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻن اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي واپس  جيل منتقلي تي حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو ويو هو. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ننڍي نياڻي آصفه ڀٽو زرداري چيو ته مون کي ڊاڪٽرن ٻڌايو هو ته اسان جي مٿان سخت دٻاءُ آهي ان لاءِ آصف زرداري کي ٻيهر جيل واپس موڪلي رهيا آهيون. 

پهنجو تبصرو موڪليو