زرداري، مريم ۽ نواز شريف خلاف ڪي پي ۾ ايف آءِ آر داخل

پشاور (ويب ڊيسڪ)صدر آصف علي زرداري، پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف خيبرپختونخواهه ۾ داخل ايف آءِ آر جا تفصيل سامهون اچي ويا آهن.خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور مريم نواز، نواز شريف ۽ آصف زرداري جي گهرن تي پوليس موڪلڻ جو بيان ڏنو هو.پوليس ذريعن موجب مريم نواز، آصف علي زرداري ۽ نواز شريف خلاف ڪا به نئين ايف آءِ آر داخل ناهي ڪئي وئي، ٽنهي خلاف ڪيس 2022 ۾ داخل ڪيو ويو هو ۽ ايف آءِ آر ڊي آءِ خان ٿاڻي ڪينٽ ۾ داخل آهي.پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته 2022ع ۾ داخل ٿيل ايف آءِ آر کي سيل ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ بغاوت جا ڪيس شامل آهن، ايف آءِ آر پي ٽي آءِ جي گذريل حڪومتي دور ۾ داخل ڪئي وئي هئي.علي امين گنڊاپور گذريل ڏينهن مريم نواز، نواز شريف ۽ آصف زرداري خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو بيان ڏنو هو.پنهنجي هڪ بيان ۾ علي امين گنڊاپور چيو ته وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت پنهنجون ڪارروايون بند ڪن، جيڪڏهن اهي پنهنجون ڪارروايون نه روڪين ته پوءِ ڏسنداسين ته حڪومت ڪيئن هلائين ٿا.هن چيو ته مريم نواز، نواز شريف ۽ آصف زرداري خلاف ڊيرا اسماعيل خان ۾ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، اسان کي ڌمڪيون ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي نه ته توهان جي گهر تي پوليس موڪلينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو