زبون ٿيل بلڊنگ جا چاپڙ ڪري پيا،شاگرد زخمي

ٽنڊوباگو (ن س) ٽنڊوباگو ڀرسان يونين ڪائونسل پھاڙ مري ۾ گورنمينٽ گرلرس پرائمري اسڪول حاجي قاسم سومرو جي گزريل برسات ۾ زبون ٿيل بلڊينگ مان پڙھائي ھلندي اوچتو ڇت جا چاپڙ ڪري پيا جنهن ڪري اسڪول ۾ پڙھندڙ 6 شاگردياڻيون سخت زخمي ٿي پيون جن ۾ روزينه، شھنيلا، نوشين،رباب ۽ ٻيون شامل آهن. اسڪول جي بلڊينگ جي ڇت جا اوچتا چاپڙ ڪرڻ سبب اسڪول ۾ پڙھندڙ شاگردياڻين ۾ روڄ راڙو مچي ويو ۽ معصوم شاگردياڻيون خوف ۾ مبتلا ٿي ويون. ڳوٺ حاجي قاسم سومرو جي ڳوٺاڻي طالب مولي سومرو ٻڌايو ته اسڪول جي عمارت جي رپيئرينگ لاء مختلف وقتن تي چونڊيل نمائندن کي درخواستون ڏنيون آهن پر اسڪول جي عمارت نٿي جوڙائي ڏني وڃي جنهن ڪري اسانجون معصوم نياڻيون سخت زخمي ٿي پيون آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو