زارا منگي جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاج

شهدادڪوٽ(ن س ) نئوديرو ۾ قتل ٿيل 10 ورهين جي نياڻي زارا منگي جي قاتلن جي گرفتاري ۽ قتل ڪيس ۾ اي ٽي سي جا قلم داخل نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو، آل سنڌ منگي ويلفيئر ايسوسيئشن جي سڏ تي مختلف سماجي تنظيمن جي اڳواڻ منور منگي ، نديم منگي، ڊاڪٽر محمود منگي ، بشير منگي ، وهاب پندراڻي ، علي گل گاڏهي، طاهر جاگيراڻي ، راجو شيخ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪوٽوموٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ، ان موقعي تي اڳوڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته لاڙڪاڻو پوليس پريشر گهٽ ڪرڻ لاء صرف هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري مٿس عمر گهٽ جو چئي جوابدار کي بچائڻ گهري ٿي هنن چيو ته لاڙڪاڻو پوليس جوابدارن جي ونگار وهندي داخل ايف آء آر ۾ قتل جا قلم لاڳو ڪيا آهن جڏهن اهڙن ايف آء آر ۾ اي ٽي سي جا قلم پڻ داخل ڪيا ويندا آهن .*** سول سوسائٽي ۽ انساني حقن جي تنظيمن پاران گهوٽڪي ضلعي جي شهر خانپور مهر ۾ به زارا جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو