رڪشي ۽ ٽريڪٽر ۾ ٽڪر سبب 3 ڄڻا زخمي

گهوٽڪي( سليم فضل ڪلهوڙو )  مهيسرو پيٽرول پمپ وٽ ٽريڪٽر ٽرالي ۽ رڪشي ۾  ٽڪر ٿي پيو جنهن سبب 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي علاج لاءِ تعلقه اسپتال پنوعاقل داخل ڪرايو ويو آهي. جتي کين فرسٽ ايڊ ڏنو پيو وڃي، زخمين ۾ صدام حسين ڊهو، عبد الهادي ڊهو ۽ امام علي ڊهو شامل آهن، واضع رهي ته گهوٽڪي باءِ پاس توڙي مين روڊ تي يوٽرن ۽ اور فلاءِ پل نه هجڻ سبب حادثا روز جو معمول بڻيل آهن حڪومت حادثا روڪرائڻ لاءِ ڪي به جوڳا اپاءَ ناهن ورتا جڏهن ته سول سوسائٽي طرفان ڪيترائي ڀيرا احتجاج پڻ ڪيا ويا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو