رٺل زال، سس ۽ سالي کي ڪٽڪو ڏيندڙ همراهه پوليس حوالي

ڪنب (رپورٽ صفدرچانڊيو) ڳوٺ عنايت حسين ڀٽي جو سڌير احمد عرف ممو ولد غلام مصطفي ڀٽي پنهنجي رٺل زال وٺڻ لاءِ ساهرن جي گهر ويو ۽ زال پاران ساڻس گڏ هلڻ کان انڪار تي هن سس، سالي ۽ زال کي ڪٽڪو ڏنو. پاڙيوارن پوليس کي اطلاع ڏنو، سالي پاران پاڪ ڪتاب ڏيکارڻ ۽ گهر ڀاتين جي رڙين بعد هن نڪرڻ جي ڪئي ته پوليس پهچي وئي ۽ کيس گرفتار ڪري ثاڻي آندو. سندس زال صنم ڀٽي صحافين کي ٻڌايو ته سندس مڙس نڪمو آهي ۽ هوءَ سڀاڻي کائنس طلاق لاءِ عدالت ۾ ڪيس داخل ڪندي. هن چيو منهنجي وحشي مڙس ڪراڙي امڙ کي به ڌڪ هنيا آهن، اسانکي هن مان جان جو خطرو آهي. اسين اڳ ۾ به ڪنب پوليس کي اطلاع ڏئي خدشو ظاهر ڪيو هو پر هنن ڪجهه نه ڪيو. اسين ايس ايس پي کان تحفظ جو مطالبو ٿا ڪريون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو