ريڊ ڪريسنٽ جي جديد ليب مان عوام فائدو حاصل ڪندو: شاهد احمد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) عوامي صحت جي سهولتن کي بهتر بڻائڻ لاءِ پاڪستان ريڊ ڪريسنٽ انٽرنيشنل فيڊريشن جي سهڪار سان جديد ترين ليب بايو سيفٽي ليول 3 قائم ڪري ڇڏي آهي. هن ليبارٽري ۾ مختلف بيمارين جا 15 کان وڌيڪ ٽيسٽ ڪيا ويندا. پاڪستان ريڊ ڪريسنٽ جي چيئرمين سردار شاهد احمد لغاري ربن ڪٽڻ جي تقريب جي موقعي تي چيو ته صحت زندگي آهي. عوام جي صحت لاءِ ريڊ ڪريسنٽ جا قدم قابل تعريف آهن. هي جديد ترين ليبارٽري عوام کي فائدو ڏيندي ۽ تشخيصي عمل ۾ عام ماڻهو جو اعتماد مضبوط ڪندي. اها سهولت عالمي معيار کي برقرار رکندي فراهم ڪئي ويندي. ڪنهن به وبا دوران ”وائرل انفيڪشن“ جي تشخيص ممڪن ٿيندي. ورلڊ هيلٿ آرگنائيزيشن جي معيار مطابق BSL III ليب ۾ مختلف ٽيسٽون ڪري سگهجن ٿيون. اسان جي شروعات ۾ هڪ جديد ترين ليب قائم ڪرڻ هڪ سنگ ميل آهي جنهن کي پار ڪرڻ لاءِ محنت سان ڪم ڪيو ويو آهي. پاڪستان ريڊ ڪريسنٽ پي سي آر ٽيسٽ جي سهولت فراهم ڪرڻ جو ڪم ڪيو آهي. افتتاحي تقريب ۾ انٽرنيشنل فيڊريشن آف ريڊ ڪراس جي پيٽر پي وي کان علاوه جرمن ريڊ ڪراس، ترڪي ريڊ ڪراس ۽ نارويجن ڪراس جا نمائندا پڻ موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو