’ريڊيو پاڪستان جي ملازمن جا مسئلا جلد حل ڪيا ويندا‘

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري ميڊم شهيره شاهد چيو آهي ته عوام تائين مختلف ٻولين ۾ خبرون پهچائڻ جو ڪم ريڊيو پاڪستان احسن طريقي سان ڪري پيو ۽ ان کي اڃا وڌيڪ بهتر ڪيو وڃي. پي بي سي آفيس جي دوري دوران هن ريڊيو پاڪستان جي مالي معاملن جهڙوڪ واجبات، پگهارن ۽ پينشن سميت مختلف مسئلن تي غور ڪيو ۽ ٻڌايو انهن جي فوري حل لاءِ هن وقت اعليٰ سطح تي ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي ۽ جلد اهي مسئلا هل ٿي ويندا. هن چيو ته ريڊيو پاڪستان تي بجلي جي يوٽيلٽي بلن جو بار وڌيڪ آهي ۽ ان معاملي تي پاور ڊويزن جي سهڪار سان ان جو حل ڪڍيو ويندو. هن چيو ته بروقت پينشن جي ادائيگي کي يقيني بڻائڻ لاء ڪوششون ڪيون ويون آهن، جيڪا اڳ ۾ دير ٿي هئي، هاڻي ائين نه ٿيندو. سيڪريٽري شهيره شاهد ريڊيو پاڪستان ۽ ان جي افرادي قوت جي بهتري لاءِ حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيو، جنهن ۾ سرڪاري اسڪيل کي اپنائڻ به شامل آهي. روات، اسلام آباد ۾ هڪ سينٽرلائيز براڊ ڪاسٽ سيٽ اپ قائم ڪيو پيووڃي ۽ ٽرانسميترز کي بهتر بنايو پيو وڃي. ان کان علاوه ملازمن کي طبي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ تنظيمي قدم کنيا پيا وڃن، جڏهن ته ريڊيو پاڪستان جي ملڪيتن کي تنظيمي واڌ ويجهه ۽ ملازمن جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪيو ويندو. ان موقعي تي شهيره شاهد ايسوسيئيٽڊ پريس آف پاڪستان ڪارپوريشن (اي پي پي سي) ڪراچي بيورو جو دورو پڻ ڪيو. هن بيورو آفيس جي مختلف حصن جو بغور معائنو ڪيو، ان جي عملن جي جامع ڄاڻ حاصل ڪئي. ان کان اڳ پي بي سي جي عمارت پهچڻ تي ريڊيو پاڪستان جي اسٽيشن ڊائريڪٽر ۽ اي پي پي ۽ آڊٽ بيورو آف سرڪيوليشن جي ٻين اعليٰ آفيسرن سندس شاندار استقبال ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو