رينجرز ڪارروائي، 3 جوابدار گرفتار

رينجرز ڪارروائي، 3 جوابدار گرفتار

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ رينجرز ڪراچي جي علائقي بلديا ٽائون رشيد آباد ۾ ڪارروائي ڪندي ڦرلٽ ۽ اسٽريٽ ڪرائم جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
رينجرز ترجمان موجب گرفتار جوابدارن ۾ زوهيب شاهه عرف بابو، شهريار عرف موٽا ۽ عطاءُ الرحمان عرف مسيت شامل آهن، گرفتار جوابدارن جو تعلق هزاره گينگ سان آهي.
رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته ڪارروائي دوران گرفتار جوابدارن کان ٽي موبائل فون ۽ نقدي هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته جوابدار شهر جي مختلف علائقن ۾ موٽرسائيڪل چوري، موبائل فون ۽ نقدي ڦر جي ڪيترن ئي واقعن ۾ ملوث آهن.
هن چيو ته گذريل 3 سالن کان، اهي هر مهيني تقريباً 3 کان 4 موٽرسائيڪلون چوري ڪرڻ ۽ روزانو 4 کان 6 موبائل فون ۽ 40 کان 50 هزار رپيا نقد ڦرڻ ۽ چوري ڪرڻ ۾ ملوث آهن. ان کان علاوه، گرفتار ٿيل جوابدار چوري ٿيل موبائل فون ۽ موٽرسائيڪلون سستي اگهن تي وڪرو ڪندا هئا.
رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن جي ٻين ساٿين جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.

پهنجو تبصرو موڪليو