رينجرز پاران ڪچي جي علائقي ۾ مفت طبي ڪئمپ قائم

سکر(بيورو رپورٽ) شهباز رينجرز81 ونگ خيرپور پاران ڪچي واري علائقي احمد پور ۾ هڪ ڏينهن جي مفت طبي ڪئمپ لڳائي وئي. ڪئمپ جو افتتاح شهبازرينجرز جي ڪرنل عمران حيدر ۽ او پي ايڇ آءِ ضلعي ڪوآرڊينيٽر محمد عارف عباسي ڪيو. ڪئمپ ۾ ملڪ جي مشهور ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين وڏي تعداد ۾ مريضن جو مفت علاج ڪيو ۽ دوائون ڏنيون. ان موقعي تي شهرين رينجرز پاران لڳايل مفت طبي ڪئمپ جي ساراهه ڪندي چيو ته پاڪستان جي فوج ۽ رينجرز هميشه ملڪ ۽ ملڪ جي عوام جي خدمت ڪئي آهي، ننڍڙي ڳوٺ احمد پور ۾ طبي ڪئمپ هڻي ڪيترن ئي غريب مريضن جو علاج ڪيو ويو آهي جيڪو عمل بهترين آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو