ريل گاڏين ۾ ٽڪر سبب 3 ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي، ٽريڪ بحال

حيدرآباد (م ڊ) پنجاب ويندڙجناح ايڪسپريس بيٺل مال گاڏي کي پويان ٽڪرهڻڻ سبب 3 ڄڻا فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. ريلوي جي وزير شيخ رشيد موجب ريل جو گارڊ، ڊرائيور ۽ اسسٽنٽ ڊرائيور فوت ٿيا آهن، ڪو به مسافر فوت ناهي ٿيو. هن چيو ته جاچ هلي پئي، ڪراچي ويندڙ ٽريڪ بحال ٿيو آهي. ذريعن موجب حادثو غفلت جو نتيجو آهي. ريسڪيو وارن جاني نقصان ۾ اضافي جو انديشو ظاهر ڪيو آهي. مڪي شاهه ڦاٽڪ لڳ مسافر ۽ مال بردار گاڏيون ٽڪرائجي ويون. جنهن کانپوءِ جناح ايڪسپريس جي انجڻ کي باهه لڳي وئي، مال گاڏي جا ڪيترائي گاڏا پٽڙيءَ تان لهي ويا آهن. مال گاڏي ۾ ڪوئلو لوڊ ٿيل هو. اطلاع تي پوليس، ريسڪيو ٽيمون ۽ فائربرگيڊ گاڏيون حادثي واري هنڌ پهچي ويون آهن ۽ امدادي ڪم ۾ مصروف آهن. عيني شاهدن جو چوڻ آهي ته حادثو غلط سگنل ملڻ سبب پيش آيو. ڪمشنر ۽ ڊي آءِ جي واقعي واري هنڌ پهتا آهن، پوليس ۽ رينجرز به موجود آهي

پهنجو تبصرو موڪليو