لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ريلوي عيد الاضحيٰ جي موقعي تي گهريلو مسافرن لاءِ عيد اسپيشل ٽرينون هلائڻ جو اعلان ڪيو آهي.ريلوي اختيارين موجب ڪوئيٽا، ڪراچي ۽ لاهور کان 3 اسپيشل ٽرينون هلنديون، جن ۾ پهرين عيد اسپيشل ٽرين 26 جون تي ڪوئيٽا کان پشاور رواني ٿيندي، جڏهن ته ڪراچي کان لاهور تائين عيد اسپيشل ٽرين 27 جون تي هلندي. ٽين اسپيشل ٽرين عيد کانپوءِ 3 جولاءِ تي لاهور کان ڪراچي تائين هلندي.اختيارين جو چوڻ آهي ته عيد اسپيشل ٽرينون 10، 10 ڪوچن تي مشتمل هونديون.
