روڊ ٺهرايو علائقي واسين جو احتجاج

بوزدار وڏا(حسين ٽانوري) بوزداروڏا،دٻي جسڪاڻي لنڪ روڊ جي گذريل 11سالن کان مرمت نه ٿيڻ ڪري روڊ هنڌان هنڌان ٽٽي ويو ڳوٺاڻن گذريل 11 سالن کان روڊ جي مرمت لاءِ حد جي ايم پي اي ۽ ايم اين اڳيان ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪرڻ بعد ڪو به کڙ تيل نه نڪتو روڊ ٽٽي وڃڻ ڪري حادثا روز جو معمول بڻجي ويا, جنهن سبب ڳوٺ دٻي جي رهواسين عطا ﷲ خاصخيلي,زاهد جسڪاڻي آفتاب جسڪاڻي, حفيظ خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بوزدار وڏا،دٻي لنڪ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو  ان موقعي تي ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل 11 سالن کان اسان جي ڳوٺ کان بوزدار وڏا تائين ٺهيل لنڪ روڊ هنڌان هنڌان ٽٽي تباہ ٿي ويو آهي روڊ ۾ کڏا پوڻ سبب حادثا روز جو معمول بڻجي ويا آهن ۽ روڊ خراب هجڻ ڪري30 منٽن جو سفر ڏيڍ ڪلاڪ ۾ وڏي مشڪل سان طئي ڪري رهيا آهيون هنن وڌيڪ چيو ته روڊ خراب هجڻ ڪري مريض اڪثر شهر ڊاڪٽرن ۽ اسپتالن پهچندي پهچندي رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪن ٿا خراب روڊ جون ڪيترائي ڀيرا شڪايتون حد جي ايم پي اي ۽ ايم اين اي سامهون ڪيون آهن پر 11 سالن کان ڪو به کڙ تيل نه نڪتو آهي  هنن وزيراعلى سنڌ سيد مراد علي شاه، صوبائي وزير روڊس, حد جي ايم پي اي ساجد ٻانڀڻ , ايم اين اي سيد فضل جيلاني سميت اعلى اختيارين کان نوٽيس وٺي روڊ جي مرمت جو ڪم ڪرايو وڃي  نه ته ٻي صورت ۾ وزيراعلى سنڌ هائوس اڳيان سخت احتجاج ڪيو ويندو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو