روڊ رستا تباهه، منٽن جو سفر ڪلاڪن ۾ طئي

ڪوٽڙي ڪبير (پرويز حسين ڀنڊ) محرابپور، ڪوٽڙي ڪبير وايا خانواھڻ جا روڊ ڪيترن سالن کان مرمت نه ٿيڻ سبب اکڙي تباهه ٿي ويا آھن جنھن ڪري حادثا روز جو معمول بڻيل آھن. روڊ مڪمل طور تي اکڙي ويا آھن، روڊن ۾ ھنڌان ھنڌان وڏا کڏا پئجي ويا آھن جنھن ڪري اڪثر روڊ تي ھلندڙ مسافرن سان روڊ حادثا پيش اچن ٿا. جڏھن ته ٽرانسپورٽ وارن به روڊن جي خراب حالت جو جواز ڄاڻائي ڀاڙا ٻيڻا ڪري ڇڏيا آھن منٽن جو سفر به  ڪلاڪن ۾ طئي ڪيو وڃي ٿو ۽ رھواسي سخت تڪليفن کي منھن ڏئي رھيا آھن.

ان سلسلي ۾ علائقي جي ساڃاهه وندن جو چوڻ آھي ته چونڊيل نمائندن ووٽ وٺڻ کانپوءِ علائقي جي عوام کي وساري ڇڏيو آھي سياستدان ووٽ وٺڻ مھل عوام سان ساک تي وڏا وڏا وعدا ڪري پوءِ پنھنجي تڪ جي عوام کي ياد نه ڪندا آھن ھتان جو عوام چونڊيل نمائندن جي ڪوڙن واعدن مان بيزار ٿي چڪو آھي. ھنن تڪ جي چونڊيل نمائندن ۽ سنڌ جي وزير اعليٰ سيد مراد علي شاهه کان مطالبو ڪيو ته روڊن جي مرمت ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو