روهڙي ڪئنال کي گهارو ، ڳوٺن ۾ پاڻي داخل، آبپاشي عملو غائب

ڪراچي (نمائندن وٽان) برسات ۽ درياهي وهڪرن ۾ واڌ بعد سنڌ ۾ واهن ۽ شاخن کي گهارا پئجي ويا، ٽنڊي آدم لڳ روهڙي ڪئنال کي لڳل گهارو وڌي 50 فٽ ٿي ويو، ڳوٺ عالم ڏيرو وٽان روهڙي ڪئنال کي لڳل 20 فٽ گهارو لڳو هو گهاري جو پاڻي تيزيءَ سان وڌڻ لڳو، 12 ڳوٺ ٻڏڻ جو خدشو وڌي ويو، گهاري جي پاڻيءَ هڪ هزار ايڪڙ کان وڌيڪ فصل ٻوڙي ڇڏيا فراز ڏيرو جا آبپاشي وزير ڄام خان شورو ۽ چيف انجنيئر سان رابطا، اڳوڻي صوبائي وزير فراز ڏيرو چيو ته سکر وٽان پاڻي وهڪرو گهٽايو ويو آهي مبارڪپور شاخ کي لڳل 20 فٽ گهارو وڌي 100 فٽ ٿي ويو، شاخ کي لڳل گهاري جو پاڻي چئن ڳوٺن ۾ داخل ٿي ويو، ڳوٺ سليمان بمبل، سعيد خان بروهي، ڳوٺ ابلخير شامل آهن مبارڪپور ڀرسان موسيٰ شاخ کي لڳل گهارا ٻڌجي نه سگهيا، آر ڊي 33 وٽان 40 فٽ ۽ آرڊ ي65 وٽان 20 فٽ گهارا لڳا هئا دوداپور ڀرسان ميرانپور وٽان بيگاري ڪئنال کي گهارو لڳي ويو، ڳوٺ لعل محمد رواهي ڀرسان بيگاري ڪئنال کي 50 گهارو. آبپاشي عملو نه پُهچي سگهيو، پاڻي ڳوٺن طرف وڌڻ لڳو

پهنجو تبصرو موڪليو