روهڙي ويجهو ڪوچ ڪلٽي ،13 مسافر فوت،ڪيترائي زخمي

سکر (جئيرام داس ) روهڙي ويجهو مسافر ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ 13 مسافر فوت ٿي ويا. جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن ڪراچي کان پنجاب ويندڙ مسافر ڪوچ تيز رفتاري سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري حادثي جو شڪار ٿي وئي، خوفناڪ حادثي جي نتيجي ۾ ڪوچ ۾ سوار 13 مسافر اجل جو شڪار ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي مسافر سخت زخمي ٿي پيا، ڳوٺاڻن فوري طور واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمين کي ڪوچ کان ٻاهر ڪڍيو، ڪجهه دير کانپوءِ پوليس ۽ امدادي ٽيمون به پهتيون، 11 فوتين جا لاش روهڙي اسپتال پهچايا ويا. 11 زخمي ۽ 2 فوتين جا لاش پنوعاقل اسپتال ۾ آندا ويا، فوتين جي سڃاڻپ نديم اختر، الله ڏتو ڊوگر، رياض، اجمل ۽ غلام عباس طور ٿي، جڏهن ته زخمين ۾علي اڪبر، رفيق ۽ ٻيا شامل آهن،روهڙي ۽ پنوعاقل جِي اسپتالن ۾ آندل زخمين مان ڪيترن ئي ماڻهن جِي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي، جنهن سبب فوتگين ۾ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير اويس قادر شاهه پاران پنوعاقل بس حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي ضلعي انتظاميا کي هر ممڪن امدادي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي، سندس چوڻ آهي ته حادثي بعد اسپتالن ۾ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، ڊي سي ۽ اعليٰ پوليس آفيسر حادثي واري هنڌ موجود آهن، ضلعي انتظاميا سان مسلسل رابطي ۾آھيون

پهنجو تبصرو موڪليو