موهن پراسرار نموني آزد، پوليس ۽ ڌاڙيلن جو ڳٺ جوڙ؟

اوٻاوڙو(ن سنڌيار) موهن داس پراسرار نموني ڌاريلن جي چنبي مان آزاد ٿي گهر پهچي ويو. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته ڌاريلن سندس اکين تي پٽي ٻڌي رستي ۾ ڇڏي ڏنو ۽ چيو ته پوليس توکي وٺي ويندي. هواڏانهن پوليس جي دعويءِ آهي ته ڏاڙيلن سان مقابلي بعد کيس آزاد ڪرايو ويو آهي. عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيل موهن داس جي بازيابي لاءِ رونتي جي ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جو آپريشن جاري آهي. پوليس ترجمان موجب ايس ايس پي گهوٽڪي عمر طفيل جي هدايت تي وستي جيوڻ شاهه ۾ هلندڙ آپريشن ۾ پوليس ڏوهارين جي ٺڪاڻن کي باهه پن ڏني وئي آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ٽارگيٽڊ آپريشن ۾ 4 اي پي سيز حصو وٺي رهيون آهن ۽ اميد آهي ته ڏهرڪي واسي موهن داس ميگهواڙ کي جلد بازياب ڪرايو ويندو.  ايس ايس پي گهوٽڪي شهرين کي خبردار ڪيو آهي ته هو عورتاڻي آواز تي هرکجڻ کان پاسو ڪن ۽ اهڙي ڪنهن نامعلوم عورتاڻي ڪال بابت پوليس کي اطلاع ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو