روشنه راڄپر قتل ڪيس ۾ گرفتار 3 جوابدار عدالت ۾ پيش

راڻيپور(ن سنڌيار)ڪجهه ڏينهن اڳ سماجي تنظيم جي چيئرمين روشنه راڄپر جو گهر مان مليل لاش  واري ڪيس نئون رخ اختيار ڪري ورتو. پوليس جاچ دوران قتل نڪتو. پوليس ڪيس جي فريادي سندس ويڳي پٽ عاقل راڄپر ۽ سندس ويجهن عزيزن  شان راڄپر ۽ عرس راڄپر کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آھي جنهن بعد پوليس پاران گرفتار ٿيلن جي طرفان اعترافي بيان ڏيڻ جي دعوا ڪندي جوابدارن  کي  خميس ڏهاڙي راڻيپور  عدالت ۾ پيش ڪيو عدالت سڳوري ٽنهي جوابدارن جي ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو پوسٽ مارٽم رپورٽ  بعد ڊاڪٽرن پاران مقتولا عورت جي جسم تي تشدد ٿيڻ جي تصديق ڪئي هئي جنهن بعد سماجي اڳواڻ روشنه راڄپر جي قتل جو ڪيس چار سڃاتل جوابدارن ۽ چار اڻ سڃاتل جوابدارن مٿان داخل ٿيو هيو جنهن بعد پوليس پاران جاچ جو دائرو وڌائي مقتولا عورت جي ويڳي پٽ عاقل راڄپر  ۽ ٻن ٻين ويجهن عزيزن شان راڄپر ،عرس راڄپر کي گرفتار ڪيو ته هنن قتل جو اعتراف ڪيو آهي. مقتولا جي مڙس محبوب راڄپر جو چوڻ آھي ته پوليس منهنجي پٽ ۽ ٻين نوجوانن کان زوري اعترافي بيان ڏياريو آھي منهجو پٽ ڪڏهن به اھڙو غلط قدم نٿو کڻي سگهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو