روس جو يوڪرين جي اسڪول تي حملو

ڪيف(ويب ڊيسڪ)روس يوڪرين جي علائقي لوهانسک جي هڪ ڳوٺ ۾ اسڪول جي عمارت تي بمباري ڪئي آهي.پرڏيهي خابرو اداري موجب لوهانسڪ جي گورنر دعويٰ ڪئي آهي ته يوڪرين جي ڳوٺ بلهوريوڪا ۾ اسڪول تي روسي بمباري ۾ ٻن ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ملبي هيٺان 60 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جو خدشو آهي.گورنر موجب روس ڇنڇر جي ڏهاڙي اسڪول تي بم ڪيرايو، اسڪول ۾ لڳ ڀڳ 90 ماڻهن کي پناهه ڏني وئي، جنهن ۾ 30 ماڻهن کي بچايو ويو، جن مان 7 زخمي ٿي پيا.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب مبينا روسي بمباري ۾ اسڪول جي عمارت مڪمل طور تباهه ٿي وئي، جڏهن ته ريسڪيو ٽيمن ريسڪيو آپريشن ۾ حصو ورتو.روس، ساڳئي وقت، مبينا بمباري تي تبصرو نه ڪيو آهي. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب مبينا روسي بمباري ۾ اسڪول جي عمارت مڪمل طور تباهه ٿي وئي، جڏهن ته ريسڪيو ٽيمن ريسڪيو آپريشن ۾ حصو ورتو. روس، ساڳئي وقت، مبينا بمباري تي تبصرو نه ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو