روحيل جي درخواست رد، اين اي 133 تي ٻيهر ڳڻپ جو حڪم

لاهور(ويب ڊيسڪ)چونيان جي تڪ اين اي 133 ۾ ٻيهر ڳڻپ جي مسلم ليگ ن جي راڻا محمد اسحاق خان جي درخواست منظور ڪئي وئي.ان حوالي سان پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايت يافته آزاد اميدوار عظيم الدين زاهد لکوي کي 12 فيبروري تي 12 وڳي جواب داخل ڪرائڻ جو نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي.عظيم الدين زاهد لکوي 10756 ووٽ کڻي رانا محمد اسحاق خان کي شڪست ڏني، عظيم الدين 136696 ووٽ حاصل ڪيا.ٻئي طرف مسلم ليگ ن جي اڳوڻي ميمبر قومي اسيمبلي شيخ روحيل اصغر جي اين اي 121 لاهور تي ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ريٽرننگ آفيسر چيو ته اليڪشن واري ڏينهن يا ٻئي ڏينهن ڪو به شڪايت ڪرڻ لاءِ نه آيو، هاڻي وقت گذري ويو آهي.اين اي 35 ڪوهاٽ ۾ ٻيهر پولنگ جي درخواست رد ڪئي وئي.اليڪشن ڪميشن موجب پي ڪي 90 ڪوهاٽ جي 25 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ 15 فيبروري تي ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو