روجهاڻ لڳ سنڌوءَ ۾ ٻيڙي اونڌي، 2 فوت،38 کي بچايو ويو،3 گم

ڪشمور(جي ايم کوسو) روجھاڻ جي علائقي ۾ سنڌو درياءَ تي واقع گڙھ پل سان ٻيڙي ٽڪرائجڻ سبب ٻيڙي تي سوار 43 ڄڻن مان 38 ڄڻن کي زندهه ڪڍيو ويو، 2 لاش هٿ به ڪڍيا ويا جڏهن ته 3 جي ڳولا جاري آهي. اکين ڏٺن شاهدن موجب ٻيڙي ۾ ھڪ عورت ٽن ٻارن سميت ٽوٽل 43 ماڻھون سوار ھئا. ريسڪيو جي ٽوٻن بروقت ڪاروائي ڪري 38 ماڻھن کي ٻاھر ڪڍيو. جن مان 9 جي هالت نازڪ ٻڌائي وڃي ٿي. جيڪي لاش هٿ آيا آهن انهن ۾ 8 سالن جو ٻارڙو سيد محمد علي شاھ ۽ عمران ولد فاروق سرگاڻي مزاري شامل آهن. ريسڪيو ۽ پوليس جاءِ واردات تي موجود آهي، مقامي ماڻهن جو به وڏو انگ موجود آهي جيڪي ريسڪيو جي ٽوٻن سان ٽن ڄڻن جي ڳولا ڪري رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو