رهڙڪي درٻار پي پي ۽ ڀرچونڊي درگاهه آزاد اميدواري جي حامي

گهوٽڪي(حميد ڪلادي) قومي اسمبلي جي تڪ 205 تي 18 جولاءِ تي اعلانيل ننڍي چونڊ ۾ ڪاميابي لاءِ مامون ڀانيجو پنهنجي پنهنجي حمايت لاءِ اهم سخصيتن سان ملاقاتون شروع ڪري ڇڏيون آهن. پيپلز پارٽي جي اميدوار سردار محمد بخش خان مهر ناصر شاهه ۽ باري پتافي سان گڏ رهڙڪي درگاهه پهچي ويو ۽ سائين ساڌ رام سان ملاقات ڪري تعاون طلب ڪيو. ڀڳت ڪنور رام واري رهڙڪي درٻار محمد بخش خان جي حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

جڏهن ته سندس مخالف اميدوار احمد علي خان جيڪو محمد بخش خان جو ڀاڻج به آهي تن ڀرچونڊي درگاهه سان لاڳاپيل ميان مٺو جي حمايت حاصل ڪري ورتي آهي ۽ هو ڪجهه ڳوٺن ۾ هنن سان گڏ ورڪ تي به ويو هو. هوڏانهن پيپلزپارٽي جو مرڪزي اڳواڻ نثار کهڙو به گهوٽڪي پهچي ويو آهي جتي ڄام هائوس تي اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چونڊ حڪمت عملي بابت ويچاريو ويو. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن جي ضابطه اخلاق موجب ڪو به چونڊيل نمائندو اليڪشن شيڊول پڌرو ٿيڻ بعد ڪنهن به اميدوار جي مهم نٿو هلائي سگهي. ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي تي خالف ورزي جا الزام پڻ هنيا آهن ۽ هڪٻئي جي اهليت اپيليٽ ٽريبونل ۾ چيلينج پڻ ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو