رشي سونڪ کي جھٽڪو،ضمني چونڊ جو 2 سيٽون کٽڻ ۾ ناڪام

لنڊن (ويب ڊيسڪ)برطانوي وزيراعظم رشي سونڪ کي هڪ وڏو صدمو، حڪمران پارٽي ضمني چونڊن ۾ ٽن مان ٻه سيٽون وڃائي ڇڏيون آهن.ڪنزرويٽو پارٽي 20 هزار سيٽن جي اڪثريت به بچائي نه سگهي.ليبر سيلبي ۽ اينٽي سيٽ کٽي ورتي، ليب ڊيمس سومرٽن ۽ فروم سيٽ کٽي.ڪنزرويٽو پارٽي صرف بورس جانسن جي استعيفيٰ سان خالي ٿيل سيٽ کٽي.واضح رهي ته اهي سيٽون ڪنزرويٽو پارٽي جي پارليامينٽ جي ميمبرن جي استعيفيٰ سبب خالي ٿيون هيون.

پهنجو تبصرو موڪليو