رت جي ٽيسٽ مان دماغي بيمارين جي ڄاڻ بابت تجربو ڪامياب

برلن (ويب ڊيسڪ) جرمني جي سائنسدانن دريافت ڪيو آهي ته رت ۾ موجود ڪجهه خاص ”مائڪرو آر اين ايز“ جو واڌو مقدار دماغي بيمارين جو سبب بڻجي ٿو. اهي مائڪرو اين ايز اسان جي جسم ۾ پروٽين جي پيداوار ۽ ميٽابولزم کي ڪنٽرول ڪرڻ جا ذميوار به آهن. شروعاتي طور تي اهي تجربا ڪوئن تي ڪيا ويا جن کي بعد ۾ انساني رت جي نمونن تي ورجايو ويو ته اهي ئي نتيجا حاصل ٿيا جيڪي ڪوئن مان ٿيا هئا. جنهن بعد وڌيڪ تصديق لاءِ 132 صحتمند رضاڪارن کان سواءِ 53 اڌڙوٽ عمر جي ماڻهن جو مشاهدو ڪيو ويو جيڪي ”مائلڊ ڪوگنيسٽيو امپيئرمنٽ“ (ايم سي آءِ) ۾ مبتلا هئا. ايم سي آءِ هڪ اهڙي ڪيفيت آهي جنهن سان سکڻ ۽ سمجهڻ جي صلاحيت متاثر ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي، اها ئي ڪيفيت ايندڙ ڪجهه سالن ۾ وڌيڪ شدت اختيار ڪندي دماغي بيمارين جو بنياد بڻجي سگھِي ٿي جن ۾ الزائيمر، شيزوفرينيا (اسڪيزوفرينيا) ۽ ڊيمنشيا وغيره شامل آهن. ڪوئن ۽ انساني جيوگھڙڙن (سيل ڪلچرز) تي تحقيق دوران ٽن قسمن جا اهڙا مائڪرو آر اين اي سامهون آيا جيڪي دماغي سيلز ۾ گڏيل رابطي جي ٺهڻ واري عمل ۾ رنڊڪ وجهي رهيا هئا ۽ جن جي ڪري صلاحيتون متاثر ٿي رهيون هيون.آءِ سي آءِ ۾ مبتلا ماڻهن جي رت ۾ به انهن ئي ٽنهي مائڪرو اين ايز جو واڌو مقدار نوٽ ڪيو ويو.ريسرچ جنرل ”اي ايم بي اوماليڪيولر ميڊيسن“ جي تازي پڌرائي ۾ آن لائين ڇپيل رپورٽ موجب، ڄاڻايل مائڪرو آر اين ايز تي نظر رکندي نه رڳو دماغي بيمارين جو گھڻو وقت اڳ پتو لڳائي سگھجي ٿو پر ان جو علاج به ممڪن آهي. ڪوئن تي وڌيڪ تجربن دوران جڏهن اهي مائڪرو آر اين ايز بلاڪ ڪيا ويا ته ڪوئن ۾ صلاحيتون بهتر ٿيڻ لڳيون. واضح رهي ته گھڻين دماغي بيمارين جون علامتون نمايان ٿيڻ کان پوءِ ئي انهن جي خبر پوندي آهي جنهن سبب انهن جي تدارڪ ۾ به شديد ڏکيائيون پيدا ٿي وينديون آهن. جيڪڏهن ڪهڙي طرح دماغي بيمارين جي وقت کان اڳ سڃاڻپ ممڪن ٿي وڃي ته مختلف احتياطي تدبيرون اختيار ڪندي انهن کي وڌيڪ وڌڻ کان روڪي سگھجي ٿو. اها تحقيق اهڙين ئي عالمي ڪوششن جو هڪ حصو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو