رتوديرو حادثو1 فوت 2 زخمي، اوٻاوڙو ۾ فائرنگ سبب 1 زخمي

رتوديرو/ اوٻاوڙو (فدا حسين لاشاري/ غلام علي رند) شهداد ڪوٽ رتوديرو روڊ تي موٽر سائيڪل جي ٽڪر سبب هڪ فوت ۽ 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا. جڏهن ته اوٻاوڙو  ۾ فائرنگ سبب ماڇڪو جو نوجوان گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو. رتو ديرو لڳ  ڳوٺ حيات خان لاڙي وٽ روڊ ڪراس ڪندڙ راهگير کي تيز رفتار موٽرسائيڪل ٽڪر هنيو.

جنهن جي نتيجي ۾ راهگير 55 سالن جو پيرسن شمن علي پٽ عبدالحق چانڊيو ٿڏي تي فوت ويو ۽ موٽر سائيڪل سوار 40 ورهين جو شفيع محمد بروهي ۽ هڪ عورت مسمات (ع) سخت زخمي ٿي پيا. علائقي واسين فوتي ۽ زخمين کي کڻائي تعلقه اسپتال آندو جتي زخمين کي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد لاڙڪاڻي ريفر ڪيو ويو ۽ فوتي جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي پيرسن ڳوٺ حيدر چانڊيو جو رهواسي ۽ زخمي لاڙڪاڻي جا رهواسي ٻڌايا پيا وڃن.*** اوٻاوڙو  ۽ ڏهرڪي وچ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ  جي نتيجي ۾ ماڇڪو واسي نوجوان محمد شريف ولد رحيم بخش سخت زخمي ٿي پيو. اطلاع تي ڏهرڪي پوليس پهچي زخمي کي سول اسپتال کڻائي آئي ذريعن موجب هي واقعو پراڻي دشمني جو ڪارڻ ٻڌايو پيو وڃي. 

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو