راڻا ثناءُالله جيڪا ڳالهه ڪئي وزيراعظم ان جو نوٽيس وٺي:حافظ نعيم

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان کان پوءِ جماعت اسلامي به نئين آدمشماري جي بنياد تي تڪ بنديون ڪرڻ کان پوءِ چونڊن جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله جي بيان تي وزيراعظم کي خط لکڻ جو اعلان ڪندي چيو ته راڻا ثناءُالله جيڪا ڳالهه ڪئي وزيراعظم ان جو نوٽيس وٺي. راڻا ثناءُالله کي ڪنهن اهو حق ڏنو آهي ته هو آدمشماري جي نتيجن کي روڪي.؟ هن چيو ته آدمشماري ۾ ڪراچي جي صحيح ڳڻپ نه ٿي سگهي آهي. هن آدمشماري سان ڪراچي وارن کي نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته شفاف آدمشماري کان پوءِ تڪ بنديون ڪرايون وڃن. ان کان پوءِ چونڊون ٿين. جعلي آدمشماري تي جيڪڏهن چونڊون ٿيون ته اها ڪراچي وارن سان ناانصافي هوندي.

پهنجو تبصرو موڪليو