راکي ساونت جو عادل جي ڪيس تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار

ممبئي (ويب ڊيسڪ)ڀارتي اداڪارا ۽ ڊانسر راکي ساونت مڙس عادل دراني جي معاملي تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.ڀارتي ميڊيا موجب راکي ساونت کان جڏهن سندس مڙس عادل دراني بابت پڇيو ويو ته هن چيو ته منهنجي صحت ٺيڪ ناهي.رپورٽن مطابق اداڪارا جي وڪيل عادل ۽ راکي جي ڪيس بابت ڳالهائيندي چيو ته راکي پنهنجو ڪيس واپس نه وٺندي.راکي ساونت جي وڪيل جو چوڻ هو ته عادل راڪي تي وحشياڻو تشدد ڪيو.هن چيو ته اڄ عادل جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي هئي، جنهن جي مخالفت ڪرڻ لاءِ ويا هئاسين، پر جج اڄ موڪل تي هو، جنهن سبب ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو