اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پابندي مڙهيل تنظيم جي لانگ مارچ سبب راولپنڊي جا روڊ 11 ڏينهن کان بند آهن، جڏهن ته مري روڊ تي مختلف هنڌن تي ڪنٽينر لڳائي ڇڏيا آهن ۽ ٻنهي پاسن کان ٽريفڪ بند آهي. لاهور کان اسلام آباد تائين پابندي مڙهيل تنظيم جي مارچ وارن وزير آباد ۾ خيمو کوڙي ڇڏيو آهي. وزيرآباد شهر جي ٻئي پاسي چناب درياهه تي مارچ ڪندڙن کي روڪڻ لاءِ بيريڪيڊس قائم ڪيا ويا آهن ۽ ان جي چوڌاري خندقون کوٽيون ويون آهن.

وزيرآباد کان سيالڪوٽ ۽ گوجرانوالا جا رستا به بلاڪ ڪيا ويا آهن. گوجرانوالا ۾ ٽرين ۽ انٽرنيٽ سروس اڃا تائين معطل آهي پر شهر ۾ زندگي معمول تي اچي وئي آهي ۽ دڪان کليل آهن. گوجرانوالا ۾ به پيٽرول جي فراهمي بحال ڪئي وئي آهي، جڏهن ته لاهور ويندڙ رستا به کوليا ويا آهن.










