راولپنڊي ۾ غير قانوني رهندڙ افغانين خلاف ڪيس داخل ٿيڻ شروع

راولپنڊي ۾ غير قانوني رهندڙ افغانين خلاف ڪيس داخل ٿيڻ شروع

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)راولپنڊي ۾ غير قانوني طور تي رهندڙ افغاني شهرين خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، افغاني شهرين کي پناهه ڏيندڙ پاڪستانين خلاف به ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ جاتلي ۽ مورگا پوليس اسٽيشنن ٻه الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا آهن، انهن ڪيسن ۾ افغاني شهري زاهد خان ۽ محمد امين کي نامزد ڪيو ويو آهي. جوابدار ڪو به ويزا، پرمٽ يا تصديق ٿيل دستاويز پيش نه ڪري سگهيا، ڪيس موجب، مالڪن جوابدار جي ڪرائيداري به رجسٽر نه ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو