نوشهروفيروز(مشتاق مري) مرحوم راشد حنيف انٽر ڊسٽرڪٽ ٽورنامينٽ جو پهريون رائونڊ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوشهروفيروز جي گرائونڊ تي کيڏيو ويو جنهن ۾ مهراڻ سي سي نوشهروفيروز ۽ البخاري سي سي مورو جي وچ ۾ مقابلو ٿيو، مقابلي ۾ البخاري سي سي مورو 21 اوورن ۾ حدف پورو ڪري مئچ کٽي ورتو. مئچ ۾ پهرين ٽاس کٽڻ بعد مهراڻ سي سي ڪرڪيٽ ڪلب بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. مهراڻ ڪلب جي بيٽسمين فاروق شيخ 50 رنسون، بلاول ميمڻ 25 ۽ سميع لاڙڪ 21 رنسون اسڪور ڪيون ۽ 25 اوورن ۾ 175 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. جڏهن ته البخاري ڪلب جي بالرن سليمان عالماڻي 4 وڪيٽون، عمران ۽ حسن ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ البخاري سي سي ڪرڪيٽ ڪلب 21 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي حدف پورو ڪري مئچ کٽي ورتو. بيٽسمين سليمان عالماڻي 42، حسن آرائين 25 ۽ دلبر 23 رنسون اسڪور ڪيون ۽ مهراڻ سي سي ڪرڪيٽ ڪلب جي بالرن سراج لغاري ۽ رراق ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون. البخاري ڪرڪيٽ ڪلب جي سليمان عالماڻي کي 4 وڪيٽون وٺڻ ۽ 42 رنسون اسڪور ڪرڻ تي مين آف دي مئچ قرار ڏنو ويو. ان موقعي تي ٽورنامينٽ جي مهمان خاص شڪيل احمد خانزاده، ايڊووڪيٽ عبدالقادر خانزاده ۽ ٽورنامينٽ جي آرگنائيزر سيد ٻڍل شاهه، مجيد خانزادو، شاهد آرائين چيو ته ٽورنامينٽ ڪرائڻ جو مقصد نوجوانن کي صحت مند سرگرمين ڏانهن وٺي اچڻ آهي. هنن چيو ته نوشهروفيروز جي رانديگرن ۾ تمام گهڻيون صلاحيتون موجود آهن جن کي اجاگر ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن. ٻئي پاسي سڀاڻي اربع ڏينهن سني ڪرڪيٽ ڪلب ۽ ڀٽائي ڪرڪيٽ ڪلب وچ ۾ مقابلو ٿيندو.










