راجن پور(ويب ڊيسڪ)راجن پور ۾ سنڌو درياهه ۾ پاڻيءَ جي سطح ۾ مسلسل اضافو، 36 ڪلاڪن دوران اونچا ٻوڏ جو خطرو.فلڊ ڪنٽرول روم موجب دريائن ۾ ڇوڙ ٿيڻ سبب 7 لک ايڪڙ زمين سخت متاثر ٿي آهي، ٻوڏ سبب 3 لک 50 هزار ايڪڙ زرعي زمين کي نقصان پهتو آهي.فلڊ ڪنٽرول روم جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سبب 215000 ماڻهو سخت متاثر ٿيا آهن ۽ 26000 گهرن کي نقصان پهتو آهي.ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته ٻوڏ سبب فاضل پور ۽ تعلقي روجهان ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي.ٻوڏ سبب 475 سرڪاري اسڪول ٻڏي ويا آهن جڏهن ته انڊس هاءِ وي روڊ ۽ ٻيا روڊ به تباهه ٿي ويا آهن. ضلعي انتظاميا جو چوڻ آهي ته سنڌ ۽ پنجاب انڊس هاءِ وي 11 ڏينهن کان بند آهي.










