رائيس ڪئنال ۾ 2 سوٽ معصوم ٻارڙا ٻڏي فوت ٿي ويا

ٿرڙي محبت(صدام حسين چانڊيو) رائيس ڪئنال جي ڪپ تي ڳوٺ پيربخش ڀنڊ جي رهواسين جا ٻه معصوم گلن جهڙا ٻارڙا 4 ورهين جي دعا ڌيءَ نادرعلي ڀنڊ ۽ 5 ورهين جو ڀورل پٽ شفيع محمد ڀنڊ راند کيڏيندي پيرترڪڻ سبب رائيس ڪئنال ۾ ڪري فوت ٿي ويا. وارثن موجب چئن ڪلاڪن جي مسلسل پاڻي ۾ ڳولا بعد ڀرواري ڳوٺ ڀنڀور وٽان پنهنجي مدد پاڻ تحت ڳوٺاڻن چئن ڪلاڪن جي ڳولا ڪرڻ بعد لاش ڪڍيا ويا.واضح رهي ته ٻئي ٻارڙا پاڻ ۾ سئوٽ هئا جڏهن ته لاش گهرپهچڻ تي گهر۾ قهرام مچي ويوعلائقي ۾ سوڳوار وارو ماحول ڇانئجي ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو