ذوالفقار علي ڀٽو هڪ خوشحال، جمهوري ۽ آزاد پاڪستان جو تصور ڏنو

ذوالفقار علي ڀٽو هڪ خوشحال، جمهوري ۽ آزاد پاڪستان جو تصور ڏنو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کي سندس 96 هين سالگرهه تي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي ته قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ خوشحال، جمهوري ۽ آزاد پاڪستان جو تصور ڏنو جنهن پاڪستان کي پهريون متحد آئين ڏنو ۽ قومي دفاع ناقابل تسخير بڻائڻ لاءِ ايٽمي پروگرام شروع ڪيو.هڪ بيان ۾ سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پورھيتن، هارين ۽ پٺتي پيل طبقن ۽ عوام کي بااختيار بڻائڻ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو پاڪستان جي عوام سان بي لوث عزم جو ثبوت آهي. هن کي عالمي سطح تي پاڪستان کي مضبوط بنائڻ لاءِ قدر جوڳيون خدمتون سرانجام ڏنيون.هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر آصف علي زرداري شهيد ڀٽو ۽ شهيد بي بي جي ورثي کي ثابت قدمي سان اڳتي وڌايو آهي، پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ قوم کي درپيش للڪارن کي منهن ڏئي رهي آهي.سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته 18هين ترميم ذريعي وفاق کي مضبوط ڪرڻ، صوبن کي بااختيار بڻائڻ ۽ اتفاق راءِ جي سياست کي هٿي وٺرائڻ ۾ صدر آصف علي زرداري جون ڪوششون شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورثو آهن، پاڪستان پيپلز پارٽي جو هرهڪ ڪارڪن اڄ به قائد عوام جي نظريي تحت جمهوريت، انصاف ۽ عوام جي حقن لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو