دبئي ساست جو مرڪز،زرداري،بلاول ۽ نواز پهتل،ڳالهين جا امڪان

دبئي: (ويب ڊيسڪ) عبوري حڪومت جي قيام کان اڳ دبئي هڪ دفعو ٻيهر سياسي سرگرمين جو مرڪز بڻجي ويو آهي.ذريعن موجب اڳوڻو وزيراعظم نوازشريف سعودي عرب کان واپس دبئي پهچي ويو آهي. جڏهن ته اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو به دبئي ۾ ڊيرا ڄمائي ورتا آهن.گذريل ڏينهن اڳوڻو صدر آصف علي زرداري خصوصي جهاز ذريعي دبئي پهتو هو. اڳوڻي صدر جون دبئي ۾ اهم سياسي ملاقاتن جو امڪان آهي. آصف علي زرداري ڪجهه ڏينهن دبئي ۾ قيام کان پوءِ ملڪ واپس ايندو.مسلم ليگ(ن) ۽ پيپلز پارٽي جي قيادت وچ ۾ نگران سيٽ اپ تي اهم مشاورت جو امڪان آهي. هوڏانهن نوازشريف سان ملاقات کان پوءِ مريم نواز رات دير سان ملڪ واپس پهچي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو