دو درياءَ کان پورٽ قاسم تائين فيري سروس شروع ڪرڻ جي تجويز

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽ ياماها جاپان جي سينيئر جنرل مئنيجر سينٽرل ايشيا اينڊ مڊل ايسٽ مسٽر يوشييوڪي آئي ٽي او وچ ۾ صوبي جي مختلف بئراجن ۽ ڍنڍن تي واٽر اسپورٽس جي سهولتن کي هٿي وٺرائڻ سميت دو درياءَ کان پورٽ قاسم تائين فيري سروس شروع ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وڏي وزير چيو ته ياماها پاڪستان جي تعاون سان ڪينجهر، گڊو، سکر ۽ ڪوٽڙي بئراج تي واٽر اسپورٽس جون سهولتون تيار ڪرڻ جو وڏو اسڪوپ موجود آهي، اهي سهولتون خانگي شعبي تحت قائم ڪري سگهجن ٿيون. دورو ڪندڙ ياماها جي نمائندن وڏي وزير کي ٻڌايو ته ٽرانسپورٽ جي سهولتن ۽ تفريح لاءِ دو درياءَ کان پورٽ قاسم تائين فيري سروس قائم ڪري سگهجي ٿي. وڌيڪ چيو ته سندن WAVERUNNERS بهترين راند آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو