اسلام آباد(بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته دوست ملڪن جي سهڪار سان معاشي اشارا بهتر ٿي رهيا آهن.وزيراعظم شهباز شريف اسلام آباد ۾ يوٿ اسپورٽس انيشيٽو جو افتتاح ڪيو.افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو ته ڪالهه چيني بئنڪ پاڪستان کي 600 ملين ڊالر کان وڌيڪ رقم واپس ڪئي، ملڪ جي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 600 ملين ڊالرن کان وڌي ويا.هن چيو ته محدود وسيلن جي باوجود نوجوانن راندين جي ميدان ۾ پاڪستان جو جهنڊو سڄي دنيا ۾ بلند ڪيو، راندين جي شعبي لاءِ 5 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن.شهباز شريف جو چوڻ آهي ته نوجوانن لاءِ جيترو ٿي سگهي وسيلا فراهم ڪنداسين، نوجوانن جي محنت ۽ جدوجهد سان پاڪستان اڳتي وڌندو. وزيراعظم چيو ته پوري قوم انهن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي جن ملڪ جو نالو روشن ڪيو، ڪامياب رانديگرن جي والدين ۽ ڪوچز کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.
