دودي ڀيل جي وارثن کي انصاف ڏيارينداسين، امتياز شيخ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اينگرو ۽ ٿر ڪول بورڊ جو اجلاس سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ جي صدارت هيٺ ٿيو. دودو ڀيل واري واقعي جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ٿر ڪول ۾ پيش ايندڙ واقعو افسوسناڪ آهي، مان پاڻ ، اسيمبلي جا ميمبر ۽ پارٽي عهديدار مقتول جي وارثن سان رابطي ۾ آهيون، وڏي وزير جي هدايت تي مقتول جي ڀاءُ جي شڪايت تي ايف آءِ آر ڪٽي وئي آهي، هن وڌيڪ چيو ته  ايف آءِ آر ۾  ڄاڻايل ماڻهن جي ٻئي ڏينهن هاءِ ڪورٽ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪري ورتي هئي. امتياز شيخ وڌيڪ چيو ته اهي سڀئي ماڻهو انڪوائري ۾ شامل ڪيا ويا آهن.هن چيو ته  ٿر ڪول پروجيڪٽ جي سيڪيورٽي ڪمپني خلاف پڻ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. چيئرمين بلاول ڀٽو واقعي جو سختي سان نوٽيس ورتو آهي اسين جلد چيئرمين ۽ وڏي وزير کي انڪوائري رپورٽ پيش ڪنداسين ۽ ذميوارن کي انجام تائين پهچايو ويندو . متاثر خاندان کي مڪمل انصاف فراهم ڪيو ويندو، سنڌ حڪومت متاثرين سان گڏ آهي مالي مدد سان گڏ سهولتون به فراهم ڪيون وينديون. امتياز شيخ چيو ته ٿر ڪول منصوبو سيپيڪ منصوبي جو حصو آهي منصوبي کي سبوتاز ڪرڻ جي سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو