دهشتگرد ڪمانڊر 3 ساٿين سميت فوجي ڪاروائي ۾ قتل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اتر ۽ ڏکڻ وزيرستان جي سرحدي علائقي غَڙيوم ۾ سڪيورٽي فورسز آپريشن ڪيو. آپريشن ۾ دهشتگردن جو ڪمانڊر احسان سَنڙَي ٽن ساٿين سوڌو مارجي ويو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ ٻڌايو آهي ته هي وڏو بريڪ ٿرو آهي، مارجي ويل دهشتگرد احسان سَنڙَي دهشتگردي جِي ڪيترين ئي ڪاررواين جو ماسٽر مائينڊ هو.

ٽارگيٽ ڪلنگ ۽ ڀُنگ عيوض اغوا واقعن ۾ به ملوث هو. هو چند ڏينهن اڳ فوج تي ٿيل حملي ۾ به ملوث هو جنهن ۾ ليفٽيننٽ ناصر ۽ ڪيپٽن صبيح سميت 3 اهلڪار شهيد ٿيا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو