دهشتگرد پارٽي کي چونڊ نشان نه ٿو ملي سگهي: مريم نواز

اوڪاڙه: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته نوازشريف تي ظلم ڪندڙ هر هڪ ڪردار پنهنجي انجام تي پهچي رهيو آهي.اوڪاڙه ۾ مسلم ليگ(ن) جي چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته اهو سڀ نوازشريف نه پر قدرت جو نظام ظالمن کان انتقام وٺي رهيو آهي. قدرت سوموٽو وٺي ڇڏيو آهي.مريم نواز چيو ته پي ٽي آءِ جو چونڊ نشان بيٽ نه پر اهو ڏنڊو هو جيڪو انهن هٿ ۾ پڪڙي غريب عوام تي هلايو، انهي ڏنڊي سان فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا ويا ان ڪري هڪ دهشتگرد پارٽي کي سياسي پارٽي جو نشان نٿو ملي سگهي.هن چيو ته ظالم کي اڄ منهنجو لڪائڻو پئجي رهيو آهي. هو ڪڏهن پلاسٽر چاڙهي ۽ ڪڏهن ويل چيئر تي ويهي ڊرامه ڪندو آهي. ٻين کي چور چور چوڻ واري گهڙي به نه ڇڏي. ان لاءِ هاڻ انهي جو چونڊ نشان چوري ٿيل گهڙي هجڻ گهرجي.مريم نواز چيو ته گوڙ ڪيو پيو وڃي ته چونڊ نشان واپس ورتو ويو آهي، پر حقيقت ۾ پي ٽي آءِ جي انٽرا پارٽي چونڊن جو فراڊ پڪڙيو ويو آهي. اهڙن ماڻهن کي عبرت جو نشان ملندو آهي، چونڊ نشان نه ملندو آهي.هن چيو ته جيتري مضبوط حڪومت نوازشريف کي ملندي، اوتريون ئي سهولتون عوام کي به ڏنيون وينديون. انشاءَالله 8 فيبروري تي اوڪاڙه ۾ شينهن گجگوڙ ڪندو. (ن) ليگ جي سينئر نائب صدر اوڪاڙه جي عوام جو ٿورو به ادا ڪيو جيڪي سخت سيءَ ۽ ڪوهيڙي باوجود جلسي ۾ موجود هئا. (ن) ليگ باقاعده چونڊ مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي.مريم نواز چيو ته اڳئين حڪومت ۾ مخالف ٻين جو احتساب ڪندي فرعون بڻيل هئا، اڄ پنهنجو نمبر آيو ته ميدان ڇڏي ڀڄي رهيا آهن. عدالتن مان جوتا ڇڏي ڀڄڻ جي ڪهاڻي اوهان پنهنجي اکين سان ڏٺي. جڏهن انسان نوازشريف جيان سچو هوندو آهي ته شينهن جيان بيٺل هوندو آهي نوازشريف عزت سان گهر مان ويو هو پر هي ذلت سان ويا آهن. قدرت جي اصول ۾ گناهگار جي معافي آهي ظالم جي نه.هن چيو ته نوازشريف جي دور ۾ اوهان کي سستي بجلي، گيس، پيٽرول ۽ کنڊ ملندي هئي هنن سازش ڪري نوازشريف کان اقتدار ڦريو هنن کي پورهيتن جي بد دعا لڳي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو