پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبر پختونخواه جي مختلف ضلعن ۾ پاڪستان فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن پاران ڪامياب ڪارروائيون جاري آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب، دهشتگردن کان آمريڪي ۽ نيٽو فورسز پاران افغانستان ۾ استعمال ٿيندڙ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دهشتگردن کان M4، M16 ۽ ٻيا جديد خودڪار هٿيار، نائيٽ ويزن چشما ۽ ٻيا جديد سامان پڻ هٿ ڪيا ويا آهن.سيڪيورٽي ذريعن موجب، هٿيارن ۾ اعليٰ معيار جا ڌماڪيدار مادو ۽ تار شامل آهن جيڪي آمريڪي فوج ۽ نيٽو پاران استعمال ڪيا ويندا هئا.ذريعن موجب، اهي هٿيار آمريڪي ۽ نيٽو فورسز جي واپسي وقت ڇڏي ويا هئا. آمريڪي هٿيار افغان طالبان پاران فتنا الخوارج کي پاڪستان ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف استعمال ڪرڻ لاءِ ڏنا ويا آهن.










